سيمل وڻ

سيمل وڻ

سيمل وڻ

سيمل وڻ (Silk cotton tree): سيمل وڏي قد ۽ اوچائيءَ وارو خوبصورت وڻ آهي، جيڪو جسامت ۽ عمر ۾ پڻ وڏو ٿيندو آهي. هن جي ٿڙ ۽ شاخن تي سخت ۽ تکا ڪنڊا ٿين ٿا. هي وڻ برصغير ۾ پاڪستان، هندوستان، بنگلاديش، سريلنڪا، برما ۽ سماترا جي ٻيلن ۽ باغن ۾ لڳايو وڃي ٿو. هن وڻ جو ڪاٺ قيمتي آهي، جيڪو ڪيترن ئي ڪمن ۾ ڪتب اچي ٿو. هي نرم ڪاٺ وارو وڻ آهي، جنهن مان راندين جو سامان، ماچيس جون تيليون، پلائي جو ڪاٺ، ڪاغذ، ميون جا ڪريٽ وغيره ٺاهيا وڃن ٿا. هن وڻ جو ڦل، جيڪو اڪ جي انبڙيءَ وانگر آهي، ان مان نفيس قسم جي ڪپهه نڪري ٿي، جيڪا ٻج سان گڏ هجي ٿي، جنهنڪري هن کي سلڪي ۽ ريشمي ڪپهه جو وڻ به چئجي ٿو. هن قسم جي ڪپهه گرم وهاڻن يا گاديلن ڀرڻ جي ڪم اچي ٿي. سيمل جو وڻ خوبصورتي ۽ زميني ماحوليات طور هلڪي ڪلراٺي زمين ۾ سٺي واڌ ڪري ٿو، جنهنڪري باغن، رستن ۽ شاهراهن تي لڳايو وڃي ٿو. هي وڻ قد ۾ اوچو ٿئي ٿو، جنهن جون ٽاريون ننڍيون ۽ پن ويڪرا ٿين ٿا. هن ۾ بهار جي مند اچڻ بعد سهڻا گل نڪرن ٿا ۽ مارچ مهيني تائين هي وڻ گلن سان ٽمٽار هوندو آهي. مارچ، اپريل يا مئي جي مهينن ۾ هن جا ٻج، ڏوڏا پچي راس ٿين ٿا، اهي ڏوڏا گھڻو ڪري وڻ سان گڏ هجن ٿا ۽ ٽڙڻ شروع ڪن ٿا. ٻج جي چؤڌاري گرم، نرم ۽ ريشمي وار هوندا آهن، جيڪي هوا ۾ پکڙڻ شروع ڪندا آهن. هن وڻ جي پوکڻ جو معياري طريقو قلم لڳائڻ وارو آهي. هن جي ڦل يا گوگڙي مان ملندڙ ڪپهه ڪيترن ئي ڪمن ۾ اچي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو